ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جو“سنڌ جا  وسيلا بچايو”  مارچ

0
250

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جو “سنڌ جا  وسيلا بچايو”  مارچ  شروع ٿي ويو، عوامي تحريڪ پاران “سنڌ جا  وسيلا بچايو مارچ ” ريگل چوڪ کان شروع ٿي ويو

ريگل چوڪ کان نڪتل مارچ ڪراچي پريس ڪلب پھچندو، جتي اڳواڻ خطاب ڪندا، مارچ ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، سنڌ جا وسيلا بچايو، سنڌر دشمن منصونا نامنظور ۽ ٻيا نعرا هنيا ويا

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪو سنڌ خلاف ڪم ڪري پيو اهو هتان هليو وڃي، سنڌ ۾ هٿ وٺي مهانگائي ڪئي وئي آهي، سنڌ جا وسيلا وفاق حوالي ڪيا ويا آهن، هٿ سان سنڌ جي وسيلن کي ڌارين حوالي ڪيو ويو آهي

مارچ ۾ شريڪ عورتن جو چوڻ هو ته عوامي تحريڪ جو مارچ مهانگائي، دهشتگردي، بدامني ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف آهي، سنڌ ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي ادارن ۾ ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي