قمر جاويد باجوه سان اختلاف تڏهن پيدا ٿيا جڏهن هُن ملڪ جي وڏن ڏوهارين جي حمايت شروع ڪئي:عمران خان

0
267
باجوه سان اختلاف تڏهن پيدا

ڪراچي: اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان اختلاف تڏهن پيدا ٿيا جڏهن هن ملڪ جي وڏن ڏوهارين جي حمايت شروع ڪئي، قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته اسان وڏن چورن جي ڪرپشن معاف ڪري هنن سان گڏجي ڪم ڪيون

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته اختيار آرمي چيف وٽ ۽ ذميواري وزيراعظم وٽ هجي ته نظام نه ٿو هلي سگهي، عوام جي چونڊيل حڪومت وٽ ذميواري سان گڏ اختيار به هئڻ گهرجن

عمران خان چيو ته پاڪستان تاريخ جي بدترين معاشي ۽ سياسي بحران مان گذري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي سک تباهه ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ ڪرايل مڪاني چونڊن کي سمورين سياسي جماعتن رد ڪري ڇڏيو آهي

هن جو چوڻ هو ته  پرڏيهي وزير پنهنجو سمورو وقت پرڏيهي دورن ۾ لڳايو پر افغانستان جو هڪ به دورو نه ڪيو آهي، نئين حڪومت جي غفلت سبب دهشتگردي ٻيهر ڪر کنيو آهي، اسان جي تحريڪ ڪامياب ٿي رهي آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ٿيون ته حڪمرانن کي عام چونڊون به ڪرائڻيون پونديون

هي به پڙهندا

پاڪستاني عوام کي ظلم ۽ ناانصافي وارو نظام ختم ڪرڻو پوندو: شهباز شريف