ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شادي جي قريب تي ڇاپو، ڪنوار جي ڀاءَ سميت 3 ڄڻا گرفتار، شريف آباد ۾ ڪي ڊي اي فليٽس ۾ ڪناتون هڻي ڪرسيون لڳائي شادي جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ 200 ماڻهن جي ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو هو، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي وئي، پوليس ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڪنوار جي ڀاءَ سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.