ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سجاڳي فورم پاران ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ۾ ايڪتا ڏينھن جي مناسبت سان ڪوٺايل ”مچ ڪچھري“ ۾ نامياري شاعر آسي زميني ، ثمينه واحد، سڪندر اوٺو، سُگھڙ قاضي بدرالدين، منظور کوسو ۽ سُگھڙ نظام سروھي ۽ ٻين شاعري جي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته سگهڙن ڏور، بيت، نڙ بيت ۽ لوڪ ادب جون ٻيون صنفون پيش ڪري ماحول کي مُنڊي ڇڏيو ، راڳي نياز سمون جي ڳايل قومي گيتن تي ثقافتي لباس ۾ ملبوس نوجوانن رقص پڻ ڪيو. تقريب ۾ عبدالرزاق شر، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، رضا ھُليو، وزيران گاڏهي، مريم گاڏھي، شوڪت سومرو، مھراڻ ٽيچر ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر محمد قاسم پٺاڻ، مڪيش ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.