جيڪب آباد (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جيڪب آباد ۾ سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ثقافتي پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ انتظار حسين ڇلگري، چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ نديم احمد قريشي، نور محمد منجھو، مھراڻ سوشل فورم چيئرمين عبدالحئي سومرو، ھندو پنچائت اڳواڻ شلورام چانڊو مل، عام انسان تحريڪ جي عابد سنڌي، نيشنل پارٽي جي شاھد جوادي، ٽيم آف ام رباب جي وحيد بروهي، ايس يو پي اڳواڻ فدا لکڻ، بروهي اتحاد جي نجيب بروهي، سنڌ ملاح فورم جي شوڪت علي ميراڻي، قومي عوامي تحريڪ جي چاڪر جوڻيجو، جي يو پي نوراني جي رفيق فخري، لوئر اسٽاف جي انور بھراڻي، شاعرن عاجز شھزاد، شبير احمد موج، سول سوسائٽي جي گل محمد ٽالاڻي، نديم بھراڻي، عرفان علي گهنڃو، ظھور وڳڻ، نثار احمد اوڍو، حبيب الله مستوئي، مسعود احمد اوڍاڻو سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي. ثقافتي پروگرام ۾ آيل اڳواڻن ٽوپي ۽ اجرڪ پائي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو، ثقافتي پروگرام ۾ آيلن پنهنجي ننڍي ٻارن کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارائي وٺي آيا، جنهن سبب محفل جرڪي پئي، پروگرام جي پھرين بيٺڪ ۾ ناليواري سگهڙن وزير علي چاچڙ، ربنواز پريو، نثار جويو، ڀورل مھر پنهنجي شاعريءَ سان سنڌو کي ڀيٽا پيش ڪري محفل کي موھي وڌو محفل ۾ شريڪ ماڻهن تاڙيون وڄائي خوب داد ڏنو. جڏهن ته ٻي بيٺڪ سخن سراءِ جي ٿي جنهن ۾ ناليواري شاعرن عاجز شھزاد، شبير احمد موج، قادر بخش خاڪي، گلزار حسيني، نثار احمد، جلال الدين نادار، نصيب الله نصيب ۽ ٻين پنهنجي شاعريءَ ذريعي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ امڙ کي خوب ڀيٽا پيش ڪري محفل ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ واھ واھ ڪرائي ڇڏيو. جنهن بعد ثقافتي پروگرام جي اختتام تي ميوزيڪل پروگرام ۾ ناليواري فنڪارن استاد مٺل، ماسٽر رياض سمون، استاد اعجاز ٽانوري، فوجان بگٽي، استاد علي حسن، غلام نبي ، استاد صدام حسين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سھندو ڪير ميار او يار جي ٻولن سان محفل ۾ آيل مھمان کي جھومائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.