ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ، 9 ڄڻا زخمي، ان ڏس ۾ خيابان شجاعت جي هڪ بنگلي اندر نجي ٽي وي چينل جي ڊرامي جي شوٽنگ دوران سيڪيورٽي گارڊ ۽ پروڊيوسر ۾ ڏند چڪ ٿي پئي، جنهن تان سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ محمد يوسف، اڪبر، زاهد علي، محمد شهزاد، محمد اويس، فرحان عالم، فيصل محمود ۽ قمبر علي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ گارڊ گل ڀائي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڊرامي جي شوٽنگ دوران اداڪار ماني کائي رهيا هئا، گارڊ کين منع ڪيو ته ماني ٻئي هنڌ کائو، جنهن تان ڌرين ۾ ڏند چڪ ٿي، گارڊ زمين تي فائر ڪيا، ڇيرا لڳڻ سبب 9 ڄڻا معمولي زخمي ٿي پيا