لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل زالي سرحدي سوشل ميڊيا تي هڪ صارف تي چڙي پئي ۽ کيس زوردار ٿڦڙ هڻڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب اداڪارا ۽ ماڊل جي پيرن تي هڪ صارف سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪيو هن لکيو ته اوهان جا پير وڏا ۽ مرداڻي نموني جا لڳي رهيا آهن جنهن تي زالي سرحدي چيو ته منهنجا هٿ اڃا به وڏا آهن ٿڦڙ به هڻي سگهان ٿي ۽ اهڙي زور سان جو ڪنن ۾ تاڙيون چڙهي وينديون.