ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واپاري جي پٽ کي 50 لکن جي ڀتي جي پرچي ڏيندڙ 3 جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ ايس ايس پي حيدر رضا موجب لياقت آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار محمد وسيم، نويد بلا ۽ سليمان کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن واپاري افضل سيٺ جي پٽ کي 50 لک ڀتي جي پرچي ڏني، جڏهن ته خوف ڦھلائڻ لاءِ ھوائي فائرنگ به ڪئي وئي، فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جوابدارن ڀتا خوري، ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف به ڪيو آهي.