لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ اسڪول ڌماڪن جي مذمت ڪئي آهي. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز به ڌماڪن جي مذمت ڪئي، هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ اڪثريت شاگردن جي هئي، ان افسوس جوڳي واقعي اي پي ايس سانحي پشاور جا زخم تازا ڪري ڇڏيا.