ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي اڄ ننڍي چونڊ ٿيندي، پيپلز پارٽي جي قادر خان ندوخيل، نواز ليگ جي مفتاح اسماعيل، پي ٽي آءِ جي امجد آفريدي، پي ايس پي جي مصطفيٰ ڪمال، ايم ڪيو ايم جي حافظ محمد مرسلين ۽ ٽي ايل پي جي اميدوار نظير احمد وچ ۾ مقابلو ٿيندو. انتظاميا پاران اڄ ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، تڪ جي 276 پولنگ اسٽيشنز تي عملو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پرزائيڊنگ آفيسرن کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 249 ۾3 لک 39 هزار 591 ووٽر رجسٽرڊ آهن، جن مان مرد ووٽرز 2 لک هڪ هزار 656 ۽ عورت ووٽرز هڪ لک 37 هزار 935 آهن، اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ۾ مجموعي طور 276 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 92 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 184 پولنگن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي ڪيميرائن ذريعي مانيٽرنگ به ڪئي ويندي. تڪ ۾ سيڪيورٽي لاءِ پوليس جا 2800 ۽ رينجرز جا 1100 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سمورين پولنگ اسٽيشنن اندر توڙي ٻاهر پوليس ۽ رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن، سمورن پرزائيڊنگ آفيسرن کي ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ڪرڻ بعد ايجنٽن جي موجودگي ۾ ئي نتيجن بابت فارم 45 جي تصوير ڪڍي آر او کي واٽس ايپ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر هدايت ڪئي آهي ته ڪو به ايجنٽ فارم 45 جي ڪاپي وٺڻ بنا پولنگ اسٽيشن مان نه وڃي. ٻئي طرف سنڌ سرڪار اڄ سموري تڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ليبر کاتي به تڪ جي سمورين فيڪٽرين جي ملازمن لاءِ اڄ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي