اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم عمران خان ۽ بل گيٽس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا ۽ پوليو جي خلاف مهم ۽ ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم پوليو کان پاڪ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزير اعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب عمران خان ۽ بل گيٽس جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ وزير اعظم ڪورونا وائرس ۽ غربت جي خاتمي لاءِ لاءِ بل گيٽس فائونڊيشن جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ بل گيٽس کي ماحوليات جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي اهم منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. بل گيٽس ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي تعريف ڪندي چيو ته دنيا کي هن عالمي چيلنجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي، ماحولياتي تبديلي جي ڪري دنيا جو خوراڪ جو نظام خطري ۾ آهي، عالمي اڳواڻ زرعي تحقيق ۾ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏين. عمران خان چيو ته پاڪستان مان پوليو جو خاتمو ترجيح آهي، ڪورونا جي ٽين لهر ۽ چيلنجن باوجود پوليو جي خلاف موثر مهم جاري آهي، احساس پروگرام ۾ بل گيٽس فائونڊيشن جو سهڪار ڪمزور طبقي جي مدد ڪري ٿو، وزير اعظم ۽ بل گيٽس گڏيل مقصدن ۾ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.