ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات

0
216

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رات کان وقفي وقفي کان وسڪارو جاري، ڪراچي جي گلبرگ، ڪريم آباد، لياقت آباد، صدر ، پي آءِ بي ڪالوني، آءِ آءِ چندريگر روڊ  ۽  ايم جناح روڊ تي  برسات وقفي وقفي سان جاري آھي

 ملير، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، قائد آباد، رزاق آباد، ڪاٺوڙ ۽ گگهر ڦاٽڪ وارن علائقن ۾ به وسڪارو جاري آھي، رستن تي پاڻي بيھجي ويو آھي، روڊن رستن تي گاڏيون معمول کان گھٽ رھيون

 موسميات کاتي  پاران  ڪراچي ۾ اڱاري تائين وسڪارو جاري رهڻ جي اڳڪٿي، ڊي جي موسميات سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ وقفي وقفي سان تيز برساتن جو سلسلو جاري رهندو، شهر ۾  200 ملي ميٽر تائين برسات پئجي سگهي ٿي، شهرين کي غيرضروري طور گهرن مان ٻاهر نه نڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آھي