ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ جهيڙو: ڪيترائي رتو رت: مريضن ۾ ڀاڄ: گرفتاريون

0
258
ڪراچي جي جناح اسپتال

ڪراچي: ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ سياسي پارٽيز سان واسطو رکندڙ ٻن شاگرد تنظيمن جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته ڇڪتاڻ سبب اسپتال جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي وئي

اسپتال انتظاميا سيڪيورٽي الرٽ ڪري ڇڏي، پوليس ۽ رينجرز کي به گهرايو ويو آهي، جڏهن ته ڇڪتاڻ سبب مريض پريشان ٿي ويا

اسپتال ۾ ڇڪتاڻ سبب خوف واري صورتحال ٿي وئي، جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ ڀاڄ پڻ پئجي وئي، اسپتال انتظاميا اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي اسپتال مان ٻاهر ڪڍڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي

جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر موجب پوليس ٻنهي تنظيمن جي ڪجهه ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي