لال مالهي جي ڀاءُ سميت مختلف سياسي اڳواڻن کي هڪ مهيني تائين نظربند ڪرڻ جو حڪم

0
302
ارباب غلام رحيم جي ڀاءُ

ڪراچي: سنڌ حڪومت مختلف سياسي پارٽيز جي اڳواڻن کي ھڪ مھيني تائين نظر بند ڪرڻ جا آرڊ جاري ڪري ڇڏيا

ٿرپارڪر  جي ڪرشن شرما ۽ دلاور مالڪاڻي کانپوءِ عبدالغني گجو ۽ گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل لجپت سوراڻي کي به ھڪ مھيني تائين جيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي ان وقت واري صلاحڪار دوست محمد ميمڻ کي به ھڪ مھيني تائين جيل ۾ رکڻ جو حڪم  ڏنو ويو آهي

عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ ايم اين لال مالھي چي ڀاءَ ليکراج مالھي، علي نواز شاھاڻي ۽ حاجي محمد حسين مڱريو کي ھڪ مھيني تائين جيل ۾ رکڻ جو حڪم جاري  ڪيو ويو آهي

شھيد بينظيرآباد ضلعي جي عنايت علي رند کي به گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، جڏهن ته ميرپورخاص ضلعي جي آفتاب احمد قريشي، شفيق نومي ۽ بشير لغاري کي به گرفتار ڪرڻ لاء آرڊر جاري ڪيا ويا