ڪراچي (نمائندا) بحريا ٽائون انتظاميا پاران ڪمال خان جوکيو ڳوٺ سميت مختلف قديمي وسندين تي چڙهائين ۽ سروي زمين جي والار خلاف ملير گذريل ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرين ۾ مظاهرا ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ملير ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران خير محمد مگسي، صدا بليدي جي اڳواڻي ۾ بحريا ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رات دير سان ٺٽو پريس ڪلب آڏو ايس ٽي پي اڳواڻ سيد جلال شاھ ۽ پورهيت مزاحمت جي اعجاز جاکرو جي اڳواڻي ۾ بحريا ٽائون جي چڙهاين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. راڻيپور ۾ سنڌ عوامي سٿ راڻيپور پاران ساجد مڱريو، امداد لاڙڪ، مجيب ڀيلار، هادي بخش ڀيلار، سڪندر سرڪي، نماڻو سرڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مختلف هنڌن تي احتجاجي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پ پ جي حڪومت هٿ وٺي سنڌ جون زمينون ملڪ رياض کي وڪرو ڪري وسندين کي مسمار ڪرائي رهي آهي. هنن واضح ڪيو ته ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ سنڌي وسندين جي بچاءُ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .