ڪاڇي ۾ برسات بعد نئن گاج جون تباهڪاريون جاري

0
139

جوھي (ن پ ا) ڪاڇي ۾ برسات بعد نئن گاج جون تباهڪاريون جاري، ايف پي بند کي لڳل گهارو بند نه ٿيو، آبپاشي عملدارن مٿان ايف پي بند کي ڪٽ هڻي ڳوٺ ٻوڙڻ جو الزام: ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو دادو ۽ جوهي شهرن سان زميني رابطو بدستور ڪاٽيل، ڳوٺاڻا ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن: سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي ايف پي بند پهچي ويو، لياقت جتوئي آبپاشي عملدارن کان سوال ڪيو ته پاڻي جو دٻاءُ گهٽ هجڻ باوجود گهارو ڪيئن پيو، آبپاشي عملدارن کيس ٻڌايو ته پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ سبب گهارو پيو