ملير ڪورٽ ۾ پيشيءَ تي آيل قيدي هٿڪڙي سميت فرار!

0
278

ملير: ملير جي عدالت ۾ پيشي تي آيل قيدي اوچتو هٿڪڙي سميت فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ هو ته قيدي عبدالهادي سچل ٿاڻي پاران ڌاڙي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هو عدالت پيشي تي آيل هو ته هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو. جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس اختيارين موجب واقعي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.