سرور راهپوٽو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جو ڀاءُ آهي، کيس بچايو ويندو: جلال محمود شاهه

0
209

ڄامشورو: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايس يو پي جي سربراه جلال محمود شاهه چيو ته افغان ويڙهه ۾ متاثر ٿيل افغانين کي خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان سرحد تي روڪي کين اتي ڪئمپن ۾ رهايو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ لکين افغانين ۽ غيرملڪين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي. سنڌ حڪومت ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ته ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جا مائٽ منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن. سي آئي اي پوليس ڄامشورو جو انچارج سرور راهپوٽو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جو ڀاءُ آهي، کيس بچايو ويندو.