اسلام آباد: وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس پنجاب حڪومت پاران ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ بابت ليٽر پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي 24 مئي تي ٿيل اجلاس ۾ پنجاب پاران ٽي پي لنڪ ڪينال کي پاڻي فراهم نه ڪرڻ وارو مامرو اٿاريو ويو، جنهن تي پنجاب جي درخواست تي ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ارسا جي سمورن ميمبرن ٽي پي لنڪ ڪينال کي پنجاب جي پاڻي حصي مان پاڻي ٺاهه جي پيرا 14 ڊي تحت وهائڻ جي حمايت ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ٽي پي ڪينال ۾ 500 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو ويو، پنجاب جي اهڙي ليٽر جي جواب ۾ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي پاران لکيل ليٽر به پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي پاڻي مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي 24 مئي تي ٿيل اجلاس ۾ ٽي پي لنڪ ڪينال کي کولڻ جي ڪا حمايت نه ڪئي وئي هئي، اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس کي ان حوالي سان مس رپورٽ ڪيو ويو آهي، 24 مئي تي ٿيل اجلاس ۾ ٽي پي لنڪ ڪينال کي کولڻ جي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي ميمبرن پاران مخالفت ڪئي وئي هئي، جنهن ڪري ارسا جي ٽن ميمبرن ٽي پي لنڪ ڪينال کي بند رکڻ جو موقف اختيار ڪيو، جنهن ڪري پنجاب ٽي پي لنڪ کي فوري طور تي بند ڪري.