ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪائونسل ۽ صحت کاتي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف سنڌ بار ميمبر عبدالغني بجاراڻي جي سربراهي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ظريت بجاراڻي، شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعي ڪائونسل ۾ ڪرپشن جو مسئلو ٽائيم نيوز هاءِ  لائيٽ ڪيو هو. هي اشو هاڻي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، عوام جو لٽيل پئسو واپس ڪيو وڃي. ضلعي ڪائونسل ۾ 40 ڪروڙ ۽ ڊي ايڇ او آفيس مان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي پر سنڌ حڪومت اگهور ننڊ ستل آهي.سنڌ حڪومت هٿ سان ادارن ۾ ڪرپشن ڪرائي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي.ضلعي ڪائونسل ۽ ڊي ايڇ او آفيس ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ تحريڪ جاري رهندي.