خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ گل محمد کوسو جو رهواسي 40 ورھين جو غلام حسين ولد عباس علي کوسو عورتاڻي آواز ۾ ھرکجي سکر پهچڻ کان پوءِ ھڪ ھفتي کان لاپتا آھي، سندس گھرواري پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي. گم ٿي ويل نوجوان جي زال مسمات ذوليخان کوسو موجب منھنجو مڙس ڪراچي فيڪٽري ۾ سيڪيورٽي گارڊ ھيو، مڙس ڇنڇر ڏينهن مون کي فون ڪري چيو ته سکر ۾ ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرياڻي  فون ڪئي آھي ته ھيڏي اچ سکر  اسان وٽ ڪم ڪر توکي ميڊيڪل اسٽور کولي ڏيان ھر مھيني 50 ھزار پگھار ڏيندس، ان لاءِ مان ھاڻي ڪراچي کان سکر پيو وڃان، هن چيو ته سکر پهچڻ بعد مڙس گم ٿي ويو آهي، مون کي شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، پريشان آهيون، نوٽيس وٺي مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي.