ٺٽو (رپوٽر ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي وفات تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي، هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته نصرالله سنڌ جو بھادر پٽ ۽ نڊر صحافي ھو، ھن واقعي کي سنجيدگي سان ڏسڻ گھرجي، هن چيو آهي ته اسان سڀني جي گڏيل ڪوشش ھجڻ گھرجي ته شھيد جي خون سان انصاف ٿيڻ گھرجي، شھيد نصرالله گڏاڻي جو خون رائيگان نه وڃڻ گھرجي ۽ ان جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي، هن پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته ڏک جي ھِن گھڙي ۾ نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان گڏ آھن، الله تعاليٰ کان دعا آھي ته شھيد جي مغفرت فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.