سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عرضي ڀٽو مان ڏھ ڏينھن اڳ دڪاندار کان ڦر ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. ھوڏانھن ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڦر واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو. ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڳوٺ بخشو ساريو لنڪ روڊ تان ڦر ڪيس ۾ نامزد جوابدار آفتاب شيخ نيو فوجداري ضلع شڪارپور واسي ۽ محبوب علي ڀٽو جيڪو سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ عرضي ڀٽو واسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.  جن جي قبضي مان ٻه پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جن خلاف وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي