خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي فوڊ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ مختيارڪار سميت ٽن خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، خبر موجب خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي فوڊ کاتي سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر، مختيارڪار ڪنگري ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.