ڇاڇرو(رپورٽر) ڇاڇري شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي،سخت گرمي ۽ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ تي شهرين جو صبر جواب ڏئي ويو،روڊن تي نڪري آيا، سخت گرمي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي بابو بجير، جمال نهڙي، اڪبر راهمون،گل حسن بجير ۽ ٻين چيو ته ڇاڇرو شهر جي ٽيھه هزار آبادي هن وقت پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان دربدر بڻيل آهي، واٽر سپلائي لائين خراب حالت ۾ آهي ۽ شهر ۾ لڳل هڪ لک گيلن وارو آر او پلانٽ گذريل چار سالن کان ناڪاره بڻيل آهي، اسپتالن ۾ مريضن کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي نٿو ملي سڄي شهر ۾ ڪربلا جا منظر آهن، سخت گرمي سبب کوهن ۾ پاڻي سڪي ويو آهي، ڪٿي پاڻي نٿو ملي، تنگ ٿي روڊن تي نڪري آيا آهيون، ٿر جا آر او پلانٽ ناڪاره تباھ حالت ۾ آهن. هنن چيو ته سنڌ سرڪار پوري معاملي تي ڪوبه نوٽيس وٺڻ جي لاءِ تيار نه آهي، پبلڪ هيلٿ کاتي جو ايس ڊي او مهينن کان غائب آهي، پاڻي جي مد ۾ هر مهيني ڪروڙين رپين جا فنڊ اچن ٿا جيڪي صرف ڪاغذي فائلن ۾ ڏيکاري هڙپ ڪري ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، شهرين هاءِ ڪورٽ سنڌ کان اپيل ڪندي چيو ته ڇاڇرو شهر سميت ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران تي نوٽيس وٺي پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪري ٿرپارڪر جي ناڪاره بڻايل آر او پلانٽن کي فعال ڪرائي، پيئڻ جي پاڻي جي بحران کي ختم ڪرايو وڃي.