ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ شاگرد يونين جون چونڊون نه ڪرائڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري، يونيورسٽي کاتي واري سيڪريٽري، ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 12 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي،  ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراھي ۾2 رڪني بينچ  سنڌ ۾ شاگرد يونين جون چونڊون نه ڪرائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پڇاڻو ڪيو ته يونين ايڪٽ جي موجوده حيثيت ڇا آهي؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي پر سنڌ ۾ عمل ناهي ٿيو، هن چيو ته 2019ع ۾ سنڌ اسيمبلي شاگرد يونين ايڪٽ پاس ڪيو،  جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن 2022ع ۾ جاري ڪيو ويو هو پر اڄ تائين ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ شاگرد يونين جي اليڪشن نه ٿي آهي،  وڪيل عثمان فاروق چيو ته 1984ع ۾ آمر جي حڪومت شاگرد يونين تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، رڳو سنڌ ۾ قانون تي عمل نه پيو  ٿئي، ماضي ۾ شاگرد يونين مان وڏا سياستدان، دانشور ۽ وڏا نالا پيدا ٿيا، تنهن ڪري يونيورسٽين ۽  ڪاليجن ۾ شاگرد يونينن جون چونڊون ڪرايون وڃن