مٽياري (رپورٽر) صحافين مٿان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، شهيد نصرالله کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيان ٿو ته فوري طور صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار  ايم اين اي مخدوم جميل الزمان مٽياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان هڪ مڃيل سياستدان آهي، اهو پنهنجو ھر فيصلو پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪندو، موٽروي رٿا جو ڪم جلدي شروع ٿي ويندو، جنهن سان ملڪ جي عوام کي رليف ملندو.