دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ۾ جي ڊبليو سي پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ذوالفقار خاصخيلي، راڻا شير محمد، راڻا عبدالستار، عتيق الرحمان راڄپر ۽ ٻين چيو ته سنڌ پوليس اڃا تائين معصوم نياڻي کي بازياب ناھي ڪرائي سگھي، پريا ڪماري جي امڙ اڄ ڏينھن تائين پنھنجي نياڻي لاءِ تڙپي رھي آھي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪو قانون ناھي، انسان جي جان جي ڪا قيمت ناھي رهي، هر روز ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي.