ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ھندو ڪائونسل بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سومر 27 مئي تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاب فيئر لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ڪائونسل جي پيٽرن چيف ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ھندو ڪائونسل نه رڳو ھندن يا اقليتن پر ملڪ جي سمورن رھواسين لاءِ ڪم ڪري پئي، گذريل سال لڳايل جاب فيئر ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار مليو،  ھن ڀيري سمورين يونيورسٽين مان جاب فيئر ۾ شرڪت لاءِ بسون نڪرنديون، نوجوان پنهنجي سي وي کڻي ھر سيڪٽر لاءِ انٽرويوز ڏين، ھن چيو ته اسلام ڪوٽ ڀرسان ھڪ وڏو ادارو قائم ڪري رھيا آھيون، جنهن جو افتتاح اپريل 2025 ع ۾ ڪنداسين.