موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان ٻيلي کاتي لاڙڪاڻو طرفان پوليس جي مدد سان ٻيلي کاتي جي 400 ايڪڙ زمين تي 12 هٿياربندن طرفان ڪيل قبضي خلاف ڪاروائي ڪئي وئي.جڏھن ته غير قانوني ٽيوب ويل پٽي تحويل ۾ ورتا ويا آھن.جڏھن ته فتح پور پوليس قبضو ڪندڙ هڪ جوابدار راحب ماڇي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي،جڏھن ته هٿياربندن طرفان گاجي ديرو ٻ يلي ۾ قبضي هيٺ آيل ٻيلي کاتي جي زمين تي غير قانوني ٺهيل ڪکائن گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي.هوڏانهن ڊي ايف او عبدالعليم ٻُرڙو جو چوڻ ھو ته ٽيوب ويل پٽي تحويل ۾ ورتا آهن.12 هٿياربندن ٻيلي جي 400 ايڪڙن تي قبضو ڪيو هيو جيڪو پوليس جي مدد سان ختم ڪرايو ويو آهي.وڌيڪ قبضو ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي.