ٺٽو ( رپورٽر ) جھمپير شهر جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي گذريل 3 سالن کان رولڙي جي ور چڙهيل ڪم خلاف هتان جي ڳوٺ عباس ميربحر، مري محله، درس محله، چانگ محله، پالاري محله، بروهي محله ۽ ٻين پاڙن توڙي ڳوٺن جي رهواسين ابوبڪر پالاري، امين آڪاش، فياض درس، نور محمّد ميربحر، علي محمّد بروهي، اسماعيل درس، ننگر درس، غلام چانگ، حسين ميربحر ۽ ٻين چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي ٺٽي طرفان منظور ٿيل ڪروڙين روپين جي نئين واٽرسپلاءِ واري اسڪيم گذريل 3 سالن کان وٺي رولڙي جو شڪار بڻيل آھي، ٺيڪيدار پاران رڳو کوٽائي ڪرائي پائيپ وجھي ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آھي، جنھن ڪري ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن پر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن اڃان تائين ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو، ھنن چيو ته ھن سخت گرمي ۾ هو پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي 5 ھزار روپيه في ٽينڪر پاڻي جو خريدڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن گھر ڪئي ته فوري طور تي واٽر سپلاءِ اسڪيم کي مڪمل ڪري کين پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪري انجنيئر ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري ڳوٺاڻن کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.