شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ شھيد ڀٽو پاران سيپڪو آفيس جي مين گيٽ اڳيان شاميانا لڳائي 3 ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو، ان موقعي تي اڳواڻن منير بروهي، وزير کوسو، ذوالفقار مگسي، قاسم سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيپڪو جون ناجائزيون چوٽ چڙھي ويون آھن، سخت گرمي ۽ 50 ڊگري گرمي پد ھئڻ باوجود بجلي جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ ٽرپنگ ڪري شھرين جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي،  شھر جي مختلف محلن جا ٽرانسفارمر پرائيويٽ ماڻھن جي حوالي ٿيل آھن جتان سيپڪو ملازم  ھر مھيني ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ايس ڊي او ذريعي حصو پتي ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته سخت ۽ شديد گرمي ۾ بجلي بند ھجڻ ڪري شھرين جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي پر واپڊا عملدارن کي ڪو به رحم نه ٿو اچي.  شھرين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي نوان ٽرانسفارمر لڳرائي بجلي جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪري شھرين کي جيئڻ جو بنيادي حق ڏنو وڃي .