گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن پاران سنڌ ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال اغوا، ڦرن، قبيلائي جهيڙن ۽ صحافين تي قاتلاڻن حملن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي شرافت علي زدران، عابد عباسي، غلام محمد ملڪ، ثناءُ الله ٽڳڙ، مختيار ٽڳڙ ۽ ٻين چيو ته قبائلي تڪرار، صحافين تي قاتلاڻا حملا، شڪارپور، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال علائقي جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اغوا جي واقعن تي ضابطو نه آندو ويو ته ڪير به محفوظ نه رهندو، هنن چيو ته جان محمد، مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جو قتل انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان بدامني روڪي قبيلائي تڪرارن جو خاتمو ڪيو وڃي.