خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا طرفان گذريل هڪ مهيني کان ڪاروباري مرڪز رمضان شاهه سينٽر کي سيل ڪرڻ خلاف واپارين، پورهيتن، سول سوسائٽي ۽ وائيس آف خيرپور طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي فياض خميساڻي، علي احمد ميمڻ، جئي ڪمار، برج لعل، غلام اصغر شمسي، نامو مل  ۽ ٻين چيو ته ميونسپل انتظاميا هڪ سياسي هائوس جي چوڻ تي گذريل هڪ مهيني کان ڪاروباري مرڪز رمضان شاهه سينٽر سيل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري دڪاندار توڙي دڪانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت سخت پريشان آهن، هنن چيو ته رمضان شاهه سينٽر بند هئڻ سبب دڪاندار ۽ پورهيت سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن سينٽر کولڻ جو مطالبو ڪيو.