هيگ/ نيويارڪ/ تل ابيب (م ڊ) انصاف واري عالمي عدالت اسرائيل کي رفع ۾ فوجي آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو انصاف جي عالمي عدالت ۾ رفع ۾ اسرائيلي آپريشن روڪرائڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويو. عالمي عدالت 2-13 جي اڪثريت سان پنهنجو فيصلو ٻڌايو، درخواست تي فيصلو عالمي عدالت جي جسٽس نواف سلام پڙهيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج کي غزا جي علائقي رفع ۾ فوجي آپريشن ترت روڪڻو پوندو، غزا پٽي جا شهري انتهائي ڳڻتي جوڳي حالتن جو شڪار آهن. عدالتي فيصلي ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته اسرائيل رفع جي سرحد لنگهه کي فوري طور کولي. عدالت چيو ته رفع ۾ فوجي آپريشن سبب انتهائي افسوسناڪ انساني سانحو جنم وٺي سگهي ٿو. عالمي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل هڪ مهيني اندر غزا پٽي جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري. فيصلي ۾چيو ويو آهي ته اسرائيل عالمي جاچ ٽيم جي ميمبرن کي غزا پٽي ۾ داخلا جي اجازت ڏئي. عدالت جو پنهنجي حڪم ۾ چوڻ هو ته اسرائيلي قدمن سبب فلسطيني عوام سخت خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. عدالت چيو ته اسرائيل ڪيئي هفتن جي شديد بمباري کانپوءِ رفع ۾ زميني آپريشن شروع ڪيو، اسرائيل غزا مان نيڪالي لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيو. عدالت چيو ته رفع ۾ لکين فلسطيني پناهه ورتي آهي، رفع ۾ اسرائيلي زميني آپريشن سبب اٺ لک فلسطيني بي گهر ٿيا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي گذريل حڪمن کانپوءِ هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، گڏيل قومن ڪيئي ڀيرا اسرائيلي آپريشن جي خطرن کان آگاهه ڪيو، گڏيل قومن طرفان نشاندگي ڪيل خطرا عملي صورت اختيار ڪرڻ لڳا آهن. انصاف جي عالمي عدالت اسرائيل کي غزه آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ڏکڻ آفريڪا پاران غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو جاري ڪندي عالمي عدالت چيو ته  عالمي صدر جج نواف اسلام ٻڌڻي هلائي. فيصلو جاري ڪندي عالمي عدالت چيو ته رفح ۾ لکين فلسطينين پناهه ورتل هئي.  اسرائيل هڪ مهيني اندر هن حڪم تي عمل درآمد ڪري ۽ عدالت کي آگاهه ڪري.  عالمي عدالت 2_13 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو آهي.  اسرائيل گڏيل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن کي غزه تائين وڃڻ جي اجازت ڏئي.  رفح م اسرائيلي آپريشن جي ڪري پناهه وٺندڙ فلسطينين کي سنگين خطرا آهن. اسرائيل عدالتي حڪمن کي مڃيندي رفح بارڊر کي فوري طور تي کولي .