تل ابيب(م ڊ) هوڏانهن عدالتي فيصلي کان پوءِ اسرائيل جي جنگي ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو.  عرب ميڊيا موجب اسرائيلي جنگي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.  اجلاس ۾ اسرائيل عالمي عدالت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون. اجلاس ۾ چيو ويو ته وقت حماس سان گڏ بيهندڙن کي وائکو ڪندو.   غزه پٽي ۾ جنگ روڪڻ جو مطلب اسرائيل کي مِٽائي ڇڏڻ آهي.