پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي حڪومت بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پينشنز به ڏهه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ مالي سال 25_2024ع جو بجيٽ پيش ڪيو ويو. بجيٽ اجلاس 2 ڪلاڪ پندرهن منٽ دير سان شروع ٿيو، اجلاس جي صدارت اسپيڪر بابر سليم سواتي ڪئي. ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير آفتاب عالم بجيٽ پيش ڪئي، ان موقعي تي وڏو وزير علي امين گنڊاپور به موجود هو. صوبائي وزير آفتاب عالم 100 ارب جو سرپلس بجيٽ پيش ڪيو. آفتاب عالم ٻڌايو ته ٽوٽل آمدني 1754 ارب آهي، جڏهن ته خرچ 1654 ارب رپيا آهن. بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار ڪئي وئي، جڏهن ته تعليم لاءِ 362 ارب رپيا، صحت لاءِ 232 ارب رپيا ۽ صحت ڪارڊ لاءِ 34 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. هوڏانهن  ڪي پي جي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي.