اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي سي ڊي اي جي ڪارروائي قانون مطابق هئي. سينيٽ ۾ تقرير ڪندي قانون واري وزير پي ٽي آءِ جي سيڪٽر آفيس تي ڪيپيٽل ڊويلپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي ڪارروائي جو دفاع ڪيو. هن چيو ته پهريون نوٽيس 2020 ۾ ۽ آخري نوٽيس 10 مئي 2024 تي موڪليو ويو. پي ٽي آءِ سيڪٽر جون ٻه منزلون نقشي جي منظوري بنا ٺهيل آهن. ڪنٽينرز ۽ پارڪنگ شيڊز به حد دخليون آهن. ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ جو سياسي مقابلو نه پئي ڪري سگھي ان ڪري ڪڌيون حرڪتون ڪرڻ تي لهي آئي آهي. هن چيو ته هنن نشان کسيو، آفيسون ٽوڙي سگھن ٿا، گھرن تي حملا ڪري سگھن ٿا پر دلين مان پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو نٿا ڊاهي سگهن.