لاهور(م ڊ) پنجاب ڪابينا ادارن خلاف نفرت واري بيانيي تي پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي سربراهي ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جيل مان بيان ڏيڻ ۽ برطانوي اخبار کي مضمون اُماڻڻ تي پي ٽي آءِ باني خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس بعد پي ٽي آءِ باني خلاف صوبائي حڪومت پاران شڪايت درج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، پنجاب جي سُڌ سماءَ جي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ اُن جي سلامتي کي مسئلو آهي، اُن ڪري پنجاب ڪابينا ڪارروائي جي منظوري ڏني..