اسلام آباد( بيورو رپورٽ ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي لاءِ مناسب اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي درخواست تي آءِ ايم ايف وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، دوري دوران نئين پروگرام بابت پاڪستان جي درخواست جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايم ايف پڌرائي موجب، پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي جي لاءِ مناسب اڳڀرائي ٿي، گڏيل اقتصادي پاليسي ۽ ريفارمز پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پاليسي تي پاڪستاني اختيارين سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه جاري رهندي، ورچوئل رابطي ۾ پاڪستان لاءِ نئين پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڳالهيون ٿينديون. آءِ ايم ايف موجب، ريفارمز پروگرام جو مقصد پاڪستان ۾ مستحڪم گروٿ جو هدف حاصل ڪرڻ آهي، ريفارمز جي ذريعي پاڪستان جي ٽئڪس آمدني ۽ وسيلن کي وڌائڻ آهي، انساني وسيلن جي ترقي، سماجي تحفظ، ماحول ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ توانائي واري شعبي کي ڀروسي جوڳو بڻائڻ، توانائي جي ڳري لاڳت کي گهٽائڻ آهي