ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپور ماٿيلو ۾ 5 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي نصر الله گڏاڻي جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، مڙهه اباڻي ڳوٺ مٽي ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، ڪيس داخل نه ٿيو، 4 شڪي گرفتار، خبر موجب ميرپور ماٿيلو ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 5 ڏينهن اڳ زخمي ٿيل صحافي نصر الله گڏاڻي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، صحافي نصرالله گڏاڻي کي وارثن 2 ڏينهن اڳ علاج لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪيو هو جتي هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جو مڙهه ڪراچي کان ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پھتو ته گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي، جنھن بعد جنازي نمازي اداڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اڳوڻو صوبائي وزير عبدالباري پتافي، ميان مٺو، سول سوسائٽي، مٽن مائٽن، سياسي سماجي شخصيتن، صحافين سميت هزارين ماڻهن  شرڪت ڪئي، جنهن بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالرحمان ٿهيم ٻڌايو ته نصرالله گڏاڻي کي 4 گوليون لڳل هيون، هڪ گولي سندس جسم ۾ موجود هئي، نصرالله کي هڪ گولي پٺي، 2 پيٽ ۽ هڪ پاسي ۾ لڳل هئي، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير چنو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نصرالله گڏاڻي قتل ۾ 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.