ميرپورماٿيلو: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نصرالله تي فخر آهي، هن جو چوڻ هو ته مان ڳالهائڻ جهڙي ناهيان پر سڀ نصرالله گڏاڻي جو گهر ۽ رستو ڏسو، سندس ٻار وٽيون کڻي پاڙي مان لولا وٺندا هئا، رڳو خالي ڪاغذ ڪمري ۾ پيا آهن، هن ٻيو ڪجهه به نه ٺاهيو، هن چيو ته نصرالله کي مان حلال جو کارايو آهي، منهنجو فخر هو، مون کي چوندو هو ته تنهنجي مدد آهي، هن چيو ته منهنجو فيصلو مالڪ ڪندو، ڪنهن به نمائندي يا پوليس مان ڪا به اميد نه آهي.