ميرپور ماٿيلو/حيات پتافي: ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت واري خبر باهه جيان پکڙجي وئي، جڏهن ته حيات پتافي ۽ ميرپور ماٿيلو سميت گھوٽڪي ضلعي جا ننڍا وڏا شھر سوڳ ۾ مڪمل طور بند ٿي ويا، شھرين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شٽر بند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرا ڪيا، ان موقعي تي صحافي برادري ۽ جسقم ڪارڪنن چيو ته نصرالله گڏاڻي حق ۽ سچ جو علمبردار ھو، مظلوم عوام جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچائڻ جي ڏوهه ۾ کيس شهيد ڪيو ويو.