ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي علاج لاء ڪراچي منتقل ڪندڙ ايئر ايمبولينس جو خرچ سنڌ حڪومت پاران ڀرڻ واري دعويٰ کي ايڌي رد ڪري ڇڏيو،  وارثن پاران ڀاڙي جي مد ۾ ادا ڪيل ساڍا 9 لک روپيا ايڌي فائونڊيشن  پاران واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ايڌي فائونڊيشن  جي اڳواڻ سعد ايڌي ٻڌايو ته صحافي نصراللھ کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ شھيد صحافي جي وارثن ايئر ايمبولينس بوڪ ڪرائي ھئي، اسان ايمرجنسي ۾ ايئر ايمبولينس اماڻي، جنهن جي ڀاڙي جا ساڍا نو لک شھيد صحافي جي وارثن ادا ڪيا،  ھاڻي جڏهن اسانکي اھا خبر پئي آھي ته شھيد صحافي جي وارثن رقم اها ادا ڪئي آھي ته اسان اھا رقم واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايڌي فائونڊيشن پاران شھيد صحافي جي وارثن کي ڀاڙي جي رقم موٽائي ويندي، باقي سنڌ حڪومت پاران ايئر ايمبولينس جو ڀاڙو ادا ڪرڻ واري دعويٰ ۾ ڪا صداقت ناھي،