حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت مٽياري ۽ نوشهروفيروز موٽروي سيڪشنز ۾ اربين رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ٻڌڻي دوران ضمانت ڪرائيندڙ جوابدار معطل ڊي سي عدنان رشيد، تابش شاهه سميت ٻيا وڪيلن معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته جيل ۾ قيد جوابدارن کي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ۾ شامل ڪيو ويو.  وڪيل نعيم الدين سهتو موجب ته گرفتار جوابدارن پاران داخل ضمانت واري درخواستن تي دليل ٿيڻا هئا پر ڪجهه روپوش جوابدارن گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ان ڪري هاڻي عدالت ۾ هو 30 مئي تي پنهنجا دليل مڪمل ڪندا.