اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي نمائيندن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڀائيوار آھي ۽ ان پاڪستان جي هر بري وقت ۾ مدد ڪئي ،پاڪستان هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهيو آھي چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آھي جنهن لاء تمام قدم کنيا پيا وڃن ۽ هڪ جامع پلان مرتب ڪيو ويو آھي وزير اعظم چيني ڪمپنين کي ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته سي پيڪ فيز ٽو جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آھيون منهنجي ايندڙ چين جي دوري جو محور سي پيڪ 2  چين سان معاشي تعلقاتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آھي چين دنيا جي ٻئي وڏي معيشت آھي جيڪو عمل اسان لاء خوشي جو سبب آھي چين پاران 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جو مامرو اسان لاء مشعل راهه آھي ايڪسپورٽ ۾ اضافي ، آئي ٽي شعبي ۾ چين جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرون ٿا وزير اعظم چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ ۽ هاء برڊ گاڏين جا پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏيندي وڌيڪ چيو ته اجلاس کي بريفنگ ڏيندي رٿابندي جي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي جي اپ گريڊيشن، قرار قرم هاء وي جي ري الاٽمينٽ ، اقتصادي ۽ زرعي زون گوادر پورٽ ۽ ٻيا منصوبا سي پيڪ فيز ٽو جي ترجيح ۾ هوندا