اوٻاوڙو ( رپورٽ:فيض الله سميجو) اوٻاوڙو  ڀرسان شادي جي خوشي ۾ فائرنگ، عورت مارجي وئي، ٻئي زخمي، وارثن جو مخالفن تي مارڻ جو الزام، مقتولا جا 2 ڀائر گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ ڏونگر چاچڙ ۾ شادي ڪاڄ دوران خوشي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ  سبب  28 سالا سکان چاچڙ مارجي وئي، جڏهن ته مسمات حميدهه چاچڙ زخمي ٿي پئي، اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل عورت جو  لاش ۽ زخمي  عورت کي اوٻاوڙو اسپتال پهچايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏهرڪي اسپتال نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مارجي ويل عورت جي  وارث امين چاچڙ ٻڌايو ته گهر اندر شادي هلي رهي هئي، اسان جي مخالفن طالب چاچڙ ۽ گل محمد چاچڙ وارن جو اسان سان گهٽي جي لنگهه تان جهيڙو هلندڙ هو، جن موقعو ڏسندي فائرنگ ڪري عورت کي قتل ڪيو آهي، پوليس موجب گهر اندر شادي دوران خوشي ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت پنهنجي ڀاءُ هٿان گولي لڳڻ سبب عورت مارجي وئي، عورت جي ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، وارثن جو مخالفن طالب چاچڙ ۽ گل محمد چاچڙ تي عورت کي مارڻ جو الزام بي بنياد آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.