سکر (بيورو رپورٽ) پيمرا جو عدالتي رپورٽنگ تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران نوٽيفڪيشن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، بئريسٽر خان عبدالغفار خان موجب درخواست ۾ پيمرا، وفاقي حڪومت ۽ سيڪريٽري اطلاعات کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته پيمرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 A جي ڀڃڪڙي آهي، پيمرا جو اهڙو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.