ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران تعلقي سطح تي ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو، تعليم واري وزير جي سربراهي ۾ 10 رڪني ڪاميٽي قائم ان ڏس ۾ تعليم کاتي پاران صوبي ۾ تعلقي سطح تي ماڊل اسڪول ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ تعليم واري وزير سردار شاھ جي سربراهي ۾ 10 رُڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، ڊي جي پي ڊي آر، آر ايس يو جي چيف پروگرام مئنيجر سميت ٻين کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ڪاميٽي تعلقي سطح تي ماڊل اسڪولز قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تجويزون حاصل ڪرڻ سميت ماڊل اسڪولز جي قيام جي نگراني به ڪندي، جڏهن ته پراجيڪٽ مينيجمنٽ اينڊ امپليمينٽيشن يونٽ  تحت اهي اسڪول قائم ڪيا ويندا.