اسلام آباد: سنڌ جي آبپاشي وزير سهيل انور سيال چيو ته ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر زاهد جوڻيجو سيپٽمبر ۾ ارسا جي چيئرمين جو عهدو سنڀاليندو، ارسا ۾ مرحليوار چيئرمين جو عهدو چئني صوبن جي ميمبرن کي ملندو آهي، پنجاب جي ميمبر جي مدت سيپٽمبر ۾ ختم ٿيندي، جنهن بعد ارسا جو چيئرمين سنڌ جو ميمبر ٿيندو، جنهن کان پوءِ خيبر پختونخوا ۽ ان بعد بلوچستان جو ميمبر ارسا چيئرمين ٿيندو.